ٿنڀ ٿوڻي

ٿنڀ ٿوڻي: هڪ قسم جو پسارڪو وکر، جيڪو دوا طور ڪم اچي ٿو. آلي ٿوم ۾ هڪ ڳنڍ ۽ ساوا پن ٿيندا آهن. سڪل ٿوم ۾ اها ڳنڍ ڀڃبي ته جدا جدا داڻا ٿي بيهندا. فالج، معدي، کنگهه، سنڌن جي سور وغيره لاءِ مفيد آهي. وڇون ۽ نانگ جي زهر لاءِ ترياق جو ڪم ڏي ٿو. سخت ڳوڙهن ۽ نڙيءَ جي ڦٽ لاءِ مفيد آهي؛ معدي جي ڪيڙن کي ماري ٿي؛ پراڻي تپ، مثاني، ڦڦڙ، جگر ۽ سيني جي بيمارين ۾ فائدو ڏئي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو